ڪراچي جي هجرت ڪالوني ۾ 3 ماڙ عمارت کي باهه ، هڪ ئي خاندان جا 4 ڀاتي سڙي فوت

ڪراچي: ڪراچي جي هجرت ڪالوني ۾ 3 ماڙ عمارت کي باهه لڳڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 4 ڀاتي سڙي فوت ٿي ويا، فائر آفيسر جو چوڻ آهي ته هجرت ڪالوني ۾ 3 ماڙ عمارت کي لڳل باهه تي ضابطو آندو ويو آهي، باهه لڳڻ سبب هڪ ئي خاندان جي ٻن عورتن سميت 4 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا، 7 زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته پوليس اهلڪار توقير جي ماءُ عشرت، زال وسيلا، ڌيءُ آيت ۽ ڀاءُ شهريار سڙي فوت ٿيا آهن، سمبل ۽ اويس سميت 7 ڄڻا زخميٿيا آهن، کين سول اسپتال ۾طبي امداد ڏني پئي وڃي.