جنهن علائقي ۾ ڪورونا جا ڪيسز وڌندا، اُتي اسڪولن کي ٻيهر بند ڪيو ويندو:بين الصوبائي وزيرن جو اجلاس

اسلام آباد : وفاقي وزير شفقت محمود جي صدارت هيٺ بين الصوبائي وزيرن جي اجلاس ۾ فيصلو ٿيو آهي ته جنهن علائقي ۾ ڪورونا جا ڪيسز وڌندا، اُتي اسڪولن کي ٻيهر بند ڪيو ويندو،سمورا تعليمي ادارن ۾ يقيني بڻايو ويندو ته ڪنهن ٻار کي بخار يا کنگهه هجي ته اُن کي اسڪول اچڻ نه ڏنو وڃي، صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته اسڪولن ۾ استادن توڙي شاگردن لاءِ ماسڪ پائڻ لازمي هوندو، ڪميٽي طرفان ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙ تعليمي ادارن خلاف ڪارروائي جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.