اسان تي جنگ مَڙهي وئي ته سِرَ جوجواب پٿر سان ڏينداسين: آرمي چيف

راولپنڊي : پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته ففٿ جنريشن يا هائبرڊ وار جي خطري کان چڱي ريت آگاهه آهيون، پاڪ فوج ڀرپور قوت سان ليس، چوڪس ۽ باخبر آهي.

آءِ ايس پي آر موجب يوم دفاع جي موقعي تي جنرل هيڊ ڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) ۾ فوجي اعزاز ڏيڻ جي تقريب ٿي، جنهن جو خاص مهمان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا هو.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري موجب تقريب ۾ شهيدن جي وارثن، غازين ۽ حاضر سروس آفيسرن شرڪت ڪئي.

تقريب ۾ آرمي چيف جرئت جو مظاهرو ڪندڙ جوانن کي اعزازن سان نوازيو، 40 آفيسرن کي ستارا امتياز ملٽري ۽ 24 آفيسرن ۽ جوانن کي تمغه بسالت سان نوازيو ويو، جڏهن ته هڪ جوان  کي يونائيٽڊ نيشن ميڊل سان نوازيو ويو ۽ شهيدن جا اعزاز سندن وارثن وصول ڪيا.

ان موقعي تي خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته 6 سيپٽمبر 1965 جو ڏينهن اسان جي تاريخ جو هڪ لازوال باب آهي، اڄوڪي ڏينهن يڪجهتي، وطن سان محبت، قرباني ۽ بهادري جا بي شمار داستان لکيا ويا، اهو ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته اسان پاڻ کان ڪيترائي ڀيرا وڏي دشمن کي شڪست ڏني.

هن چيو ته اسان اڄ به دشمن جي ناپاڪ عزمن کي شڪست ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار آهيون ۽ پنهنجي آزادي جي حفاظت پنهنجي رت سان ڪري رهيا آهيون، اسان جا شهيد اسان جا هيرو آهن، شهيدن جي وارثن کي يقين ڏياريان ٿو ته انهن جي پيارن جي قرباني کي ڪڏهن نه وسارينداسين، سڄي قوم توهان جي صبر ۽ قرباني جي قرضي آهي.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ عظيم پاڪستاني قوم هڪ ڌار اسلامي سڃاڻپ جي نظريي جي علمبردار آهي، ان ئي بنياد تي اسان آزادي حاصل ڪئي ۽ اها ئي اسان جي اڄ ۽ سڀاڻي جي سڃاڻپ آهي، اسان جا دشمن ان سڃاڻپ کي ڊاهڻ لاءِ لاڳيتو سازشن جا ڄار وڇائيندا آيا آهن پر الحمدالله پاڪ فوج ۽ قوم ايمان جي جذبي سان انهن جي هر سازش کي ناڪام بڻايو آهي.

پاڪ فوج جي سربراهه چيو ته وطن جي آزادي ۽ سلامتي اسان جو مصب العين آهي، اسان ان ڏيئي کي پنهنجي رت سان ٻاري رکيو ۽ ان کي روشن رکڻ لاءِ پرعزم آهيون، دلير ۽ بهادر فوج جي ڪمان ڪرڻ مون لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي، اسان جو هر آفيسر ۽ جوان اهڙي فوج جي نمائندگي ڪندو آهي جنهن جي صلاحيتن کي دنيا مڃيو آهي، پاڪستاني قوم سان محبت اسان جي ايمان جو حصو آهي، ڪو دشمن اسان جي ان محبت کي شڪست نٿو ڏئي سگهي، ائين ئي پاڪستاني قوم جي فوج سان محبت به لازوال آهي، ان جو اعتماد ڊهڻ جوڳو ناهي، مان انهن سڀني جذبن کي سلام پيش ڪيان ٿو.

جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته مان هن موقعي جو فائدو وٺندي توهان جو ڌيان هڪ ٻئي چئلينج ڏانهن آڻڻ چاهيان ٿو، اهو چئلينج ففٿ جنريشن يا هائبرڊ وار جي صورت ۾ اسان تي مڙهيو ويو آهي، ان جو مقصد ملڪ ۽ پاڪ فوج کي بدنام ڪري ڏڦيڙ پکيڙڻ آهي، اسان ان خطري کان چڱي ريت آگاهه آهيون ۽ اها جنگ کٽڻ ۾ به انشاءَالله ضرور ڪامياب ٿينداسين.

هن چيو ته سڄي دنيا خاص طور پنهنجي خطي ۾ امن جا خواهشمند آهيون، افغانستان ۾ امن جي ڪوششن ۾ پاڪستان جو ڪردار چٽو ثبوت آهي، جڏهن ته اسان جي پاڙيسري ملڪ ڀارت سدائين جيان غير ذميوار رويو اختيار ڪيو، ڀارت والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪري غير قانوني قدم کنيو، ڀارت خطي جي امن کي ٻيهر خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، ڪو شڪ ناهي ته ڪشمير عالمي طور تسليم ٿيل مسئلو آهي، ان حوالي سان اسان ڪو به هڪ طرفو فيصلو نه مڃينداسين، پاڪستان جي باني ڪشمير کي پاڪستان جي ساهه واري رڳ قرار ڏنو هو.

سندس چوڻ هو ته پاڪ فوج ڀرپور قوت سان ليس، چوڪس ۽ باخبر آهي، اسان کي نئين حاصل ڪيل اسلحي سان ڊيڄاري سگهجي ٿو نه ئي ڪا ڌمڪي اثرانداز ٿيندي، دشمن جي ڪنهن به حرڪت جو تڪڙو ۽ طاقتور جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.

آرمي چيف چيو ته وقت اسان کي ڪيترائي ڀيرا آزمائي چڪو آهي، اسان هر ڀيري ڪامياب ٿياسين، پاڪستان جيئري حقيقت آهي، اسان جو رت، جذبو ۽ عمل هر هنڌ ان جي شاهدي ڏيندو، پاڪستان امن پسند ملڪ آهي پر جنگ مڙهي وئي ته سِر جو جواب پٿر سان ڏينداسين، اهڙو مظاهرو بالاڪوٽ جي ناڪام حملي جي جواب طور به ڪيو ويو، تنهن ڪري دشمن کي ڪو شڪ شبهو نه هجڻ گهرجي.