نواز شريف 10 سيپٽمبر تي واپس نه آيو ته نواز ليگ ڌڙن جو شڪار ٿي ويندي :شيخ رشيد

لاهور :نواز ليگ جي سياست ڪٽنب تائين قيد ٿي وئي آهي، نواز شريف 10 سيپٽمبر تي واپس نه آيو ته نواز ليگ ڌڙن جو شڪار ٿي ويندي ۽ شين ليگ جو جنم ڏيندو، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير شيخ رشيد اپوزيشن تي تنقيد ڪندي چيو ته نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي فضل الرحمان جي چوڻ تي اسيمبليز ۾ استيعفيٰ نه ڏينديون، اپوزيشن جي اي پي سي جو به اثر نه ٿيندو ۽ سڀ ماني کائي هليا ويندا، پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ ڪڏهن به نه چاهينديون ته ڳالهين جا در بند ٿين، ننڍيون جماعتون ۽ فضل الرحمان ڳالهين جا در بند ڪرڻ گهرن ٿا، وزيراعظم ڏٺو هوندو ته عاصم سليم باجوه مٿان لڳايل الزام بي بُنياد آهن، تڏهن سندس استعيفيٰ منظور نه ڪئي آهي.