جرمني ۾ عورت پنهنجن پنج ٻارن کي قتل ڪري ڇڏيو

جرمني: جرمني جي شهر زولنگن ۾ عورت پنهنجي 5 ٻارن کي قتل ڪرڻ بعد پاڻ کي ٽرين اڳيان ڏئي ڇڏيو.
عورت ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ اسپتال داخل آهي، پوليس موجب عورت 5 ٻارن کي قتل ڪري 11 سالن جي پٽ سان گڏ گهران نڪري پاڻ کي ٽرين اڳيان ڏئي ڇڏيو.
قتل ٿي ويل ٻارن جي عمر هڪ کان 8 سالن تائين آهي، پوليس کي واقعي جو اطلاع ٻارن جي ناني ڏنو.
11 سالن جو ٻارڙو پنهنجي ناني وٽ آهي جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.