سنڌ سرڪار ڪراچي سميت سنڌ جي 20 ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي : سنڌ سرڪار سنڌ جي 20 ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏئي ڇڏيو. ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص کي مڪمل ۽ شهيد بينظيرآباد ڊويزن کي جزوي طور آفت سٽيل قرار ڏنو ويو. ڪراچي جي 6، حيدرآباد جي 9، ميرپورخاص جي ٽن ۽ شهيد بينظيرآباد جي 2 ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏنو. سنڌ سرڪار آفت سٽيل قرار ڏنل ضلعن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.