سنڌ ۾ 29 ۽ 30 آگسٽ تي نئون برساتي سسٽم داخل ٿيڻ جو امڪان

ڪراچي :سنڌ ۾ برسات جي صورتحال بابت موسميات کاتي چيو آهي ته سنڌ ۾ 29 ۽ 30 آگسٽ تي نئون برساتي سسٽم داخل ٿيڻ جو امڪان آهي، موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ اڄ به برسات پوندي، برساتن جو سلسلو رڪجڻ جو في الحال ڪو به امڪان ناهي، برسات جو سلسلو خميس جِي صبح تائين وقفي وقفي سان جاري رهي سگهي ٿو.