مير حاصل بزنجو جي لاڏاڻي تي افسوس جي اظهار لاءِ پنجاب اسيمبليءَ ۾ به ٺهراءُ جمع

لاهور: سينيئر سياستدان، نيشنل پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ سينيٽر مير حاصل بزنجو جي لاڏاڻي تي افسوس جي اظهار لاءِ پنجاب اسيمبليءَ ۾ به ٺهراءُ جمع ڪرايو ويو آهي. مسلم ليگ نون جي صوبائي اسيمبلي ميمبر ربيعه نصرت طرفان جمع ڪرايل ٺهراءُ ۾ چيو ويو آهي ته مير حاصل بزنجو جي لاڏاڻي سان ملڪ هڪ بهادر، سچي ۽ محب وطن شخص کان محروم ٿي ويو آهي. ٺهراءُ جي متن ۾ چيو ويو آهي ته حاصل بزنجو پنهنجي سموري زندگي جمعوريت ۽ پٺتي پيل طبقي لاءِ آواز بلند ڪندي گذاري ڇڏي. مسلم ليگ نون ٺهراءُ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مير حاصل بزنجو جي جدوجهد سياسي ڪارڪنن لاءِ مشعل راهه آهي، پنجاب اسيمبليءَ جو هي ايوان سندس لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار ڪري ٿو…….