باغ ابن قاسم جي غير قانوني الاٽمينٽ وارو ريفرنس: فرد جرم جي ڪارروائي ملتوي

اسلام آباد:اسلام آباد جي احتساب عدالت جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ باغ ابن قاسم جي زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ واري ريفرنس ۾ فرد جرم جي ڪارروائي 8 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻيءَ کان اڳ ريفرنس جي ڪاپي حاصل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل واري معاملي تي باغ ابن قاسم جي زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ واري ريفرنس تي ٻڌڻي ٿي. ملڪ رياض جي وڪيل عدالت ۾ پيش ٿي سندس موڪل پاران هڪ ڏينهن حاضري کان ڇوٽ واري درخواست داخل ڪرائي، جيڪا عدالت منظور ڪري ورتي. عدالت اڳوڻي ڊي جي پارڪس ڪراچي لياقت قائمخاني، ڊاڪٽر ڊنشا ۽ ٻين جوابدارن کي ريفرنس جي ڪاپي نه ملڻ تي فرد جرم واري ڪارروائي 8 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت چيو آهي ته جن جوابدارن ريفرنس جي ڪاپي حاصل ناهي ڪئي، اهي ايندڙ ٻڌڻيءَ کان اڳ حاصل ڪري وٺن…………..