ڪميٽي جو قيام آئين ۽ عوام سان ويساهه گهاتي آهي :سردار عبدالرحيم

ڪراچي : وفاقي سرڪار جِي اتحادي جِي ڊي اَي جَي ترجمان سردار رحيم چيو آهي ته ڪميٽي جو قيام آئين ۽ عوام سان ويساهه گهاتي آهي، ڪميٽي ڪهڙي آئين تحت ٺاهي وئي، ڇا مسئلا رڳو ڪراچي ۾ آهي. ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي سردار رحيم چيو ته ڪي پي سميت ٻين صوبن ۾ به ساڳيا مسئلا آهن، انهن تي ڪميٽي ڇو نه ٿي ٺاهي وڃي، ايس يو پي سنڌ ۾ ڌارين جِي آبادڪاري خلاف 3 ۽ 4 آڪٽوبر تي بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جلال محمود شاهه چيو ته وفاقي سرڪار ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جِي سازش ڪري رهي آهي، جنهن ۾ پيپلزپارٽي به ڀاڱي ڀائيوار سمجهون ٿا، پ پ، پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم تي ٻڌل ڪميٽي کي رد ڪيون ٿا، سنڌ جِي وحدت خلاف ڪا به سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.