سرڪاري ڪڻڪ ۾ گهوٻين واري معاملي تي وڏو وزير مراد علي شاهه نيب سکر آڏو پيش

سکر : سرڪاري ڪڻڪ ۾ گهوٻين واري معاملي تي وڏو وزير مراد علي شاهه نيب سکر وٽ پيش ٿي ويو، ذريعن جو چوڻ آهي ته وڏي وزير مراد علي شاهه جو سرڪاري ڪڻڪ ۾ گهوٻين واري معاملي تي بيان رڪارڊ ڪيو ويندو، سنڌ حڪومت ڪجهه عرصو اڳ نيب کي سرڪاري ڪڻڪ ۾ گهوٻين واري معاملي تي جاچ لاءِ خط لکيو هو، جنهن کانپوءِ ڊي جي نيب سکر طرفان جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي.