لاڳاپن کي بحال ڪرڻ لاءِ آرمي چيف سعودي عرب پهچي ويو

جده: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ٻنهين ملڪن وچ ۾ سفارتي لاڳاپن کي ٻيهر جوڙڻ ۽ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ پهچي ويو .

سعودي عرب ۽ پاڪستان وچ ۾ سفارتي بنيادن تي ڇڪتاڻ سبب ملڪ کي رياض پاران مالي مدد جي حوالي سان ڏکيائيون پيش آهن

برطانوي خابرو اداري موجب سعودي عرب ۾ واقعي پاڪستاني سفارتخاني موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه رياض پهتو آهي .

ان حوالي سان عسڪري ذريعن جو چوڻ آهي ته آرمي چيف سان گڏ انٽر سروسز انٽيلي جنس  آءِ ايس آءِ  جو سربراهه جنرل فيض حميد به موجود آهي .