ڪاڇي ۾ ٻوڏ وڏي تباهي مچائي ڇڏي ، 8 يوسيز جا 150 کان وڌيڪ ڳوٺ ٻڏي ويا، ڪيترائي ڪٽنب ڦاٿل

ڪراچي: ڪاڇي ۾ ٻوڏ وڏي تباهي مچائي ڇڏي ، نئن گاج جَي تيز وهڪرن ۾ 8 يوسيز جا ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ڳوٺ ٻڏي ويا. ڏورانهَن علائقن ۾ ڪيترائي ڪٽنب ڦاٿل آهن. ڦاٿل ماڻهو ٻئي ڏينهن به ريسڪيو ۽ رليف آپريشن لاءِ دانهيندا رهيا. تيز وهڪرن ۾ سوين گهر ڊهي پٽ ٿيڻ سبب کاڌي پيتي جون شيون ۽ ٻيو گهريلو سامان به لڙهي ويو. پاڪ فوج ۽ نيوي جون ٽيمون ڪاڇي جَي مختلف علائقن اندر آپريشن ۾ رُڌل آهن. ٻيڙين ذريعي متاثرن کي محفوظ هنڌ منتقل ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. ڪمشنر حيدرآباد پاران ڪاڇي ۾ اڃا به ڪيترن ئي ماڻهن جَي ڦاٿل هجڻ جِي تصديق ڪئي آهي. ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي محمد عباس بلوچ ڪندي چيو ته مٿانهن علائقن ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ هيليڪاپٽر استعمال ڪيو پيو وڃي. ٻيڙين جو انگ به وڌايو ويو آهي، وقفي وقفي سان پوندڙ برسات سبب ڏکيايون پيش اچن ٿيون.