اسلام آباد ۾ لاڪ ڊائون مڪمل ختم، سڄو هفتو ڪاروبار ڪرڻ جي اجازت

اسلام آباد: وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ مارڪيٽ ، دڪان ۽ شاپنگ مال سڄو هفتو کولڻ جي اجازت ڏني وئي آهي جنهن کانپوءِ اڄ ڇنڇر ڏينهن ڪاروبار مڪمل طور تي کوليو ويو آهي

اسلام آباد ۾ مارڪيٽن، دڪانن ۽ شاپنگ مالز جي لاءِ لاڪ ڊائون مڪمل ختم ڪيو ويو ۽ شهر ۾ هاڻي دڪاندار سڄو هفتو ڪاروبار ڪري سگهندا

وفاقي حڪومت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو جنهن جو ڪاروباري ماڻهن آڌرڀاءُ ڪيو آهي

اسلام آباد ۾ دڪان کلڻ سان خريدار به خوش آهن ۽ چون ٿا ته آفيس کان  اچڻ کانپوءِ مارڪيٽن جي ٽائيمنگ سبب پريشاني هئي هاڻي آرام سان موڪل واري ڏينهن خريداري ڪري سگهندا