راولپنڊي: پاڪ فوج ڪراچي ۾ طوفاني برسات کانپوءِ بحالي جي ڪم جي شروعات ڪري ڇڏي

پاڪ فوجي جي عام تعلقاتن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب ڪراچي ۾ طوفاني برساتن کان پوءِ پاڪ فوج جون ريسڪيو ٽيمون متاثر علائقن ۾ ڪم ۾ رڌل آهن ۽ ضروري حفاظتي سامان سان امدادي سرگرميون هلندڙ آهن.

پاڪ فوج پاران هيٺاهين وارن علائقن مان پاڻي به ڪڍيو پيو وڃي جڏهن ته پاڻي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي به محفوظ جاين ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي .

آءِ ايس پي آر موجب ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪ فوج جون ريسڪيو ٽيمون الرٽ آهن