ملڪ ۾ ريسٽورينٽ، ڪَيفي، سئنيما ، پارڪس، عجائب گهر، بزنس سينٽر، ايڪسپو ۽ بيوٽي پارلر10 آگسٽ کان کولڻ جو اعلان

اسلام آباد : وفاقي سرڪار سموري ملڪ ۾ ريسٽورنٽس، ڪَيفي، سئنيما گهر، ٿيئٽر، پبلڪ پارڪس، عجائب گهر، بزنس سينٽر، ايڪسپو هالز ۽ بيوٽي پارلرز 10 آگسٽ کان کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. سياحتي ماڳ به 8 آگسٽ کان کوليا ويندا. اين سي او سي جَي اجلاس دوران وفاقي وزير اسد عمر شادي هالز 15 سيپٽمبر کان کولڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته مزارن ۽ روڊ ٽرانسپورٽ کي ايس او پيز تحت کولڻ جِي اجازت ڏني پئي وڃي. اسد عمر چيو ته ٽرينز ۽ جهازن تي محدود سفر جِي پابندي ختم ڪندي سيپٽمبر جَي آخر تائين محدود مسافر سفر ڪري سگهندا. وفاقي وزير چيو ته ڪوڏي ڪوڏي، ملهه ۽ باڪسنگ تي پابندي برقرار رکڻ جو اعلان ڪيو. اسد عمر تماشائين بنا سماجي فاصلي وارين راندين جون سرگرميون بحال ڪرڻ جو به اعلان ڪيو.