ايل او سي تي ڀارتي فورسز جي فائرنگ ۾ ناري شهيد، 2 عورتن سوڌو 6 ڄڻا زخمي

فتح پور: لائين آف ڪنٽرول تي ڀارتي فورسز جون اڳرايون جاري، تته پاڻي سيڪٽر تي شهري آبادي ۾ بنا جواز فائرنگ جي نتيجي ۾ ناري شهيد، ٻن عورتن سوڌو 6 ڄڻا زخمي، آءِ ايس پي آر چيو آهي ته ڀارتي فورسز فتح پور ۽ تاهي ڳوٺ کي نشانو بڻايو، پاڪ فوج ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪندي ڀارتي فوج جي بندوقن کي خاموش ڪري ڇڏيو.