ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 15 انساني جانيون کسي ورتيون

اسلام آباد : ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 15 انساني جانيون کسي ورتيون، گذريل 24ڪلاڪن دوران 432 ڄڻن کي وائرس جي تصديق کانپوءِ متاثرن جو انگ 2 لک 80 هزار 461 ٿي ويو، عالمي وبا سبب هيل تائين 6 هزار مريض حيايتون وڃائي چڪا آهن، اڍائي لک کان وڌيڪ مريض وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي چڪا آهن.