وزيراعظم عمران خان يوٽيلٽي اسٽورن تي شيون مهانگيون وڪرو ڪرڻ جو نوٽيس ورتو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان يوٽيلٽي اسٽورن تي اربين روپين جي سبسڊي جي باوجود عوام کي سستي کنڊ ۽ اٽو نه ملڻ جي شڪايتن ۽ اسٽورز تي مهانگي شين جي خريداري ۽ وڪرو جي شڪايتن جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي.

يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپورييشن جي چيئرمين ذوالقرنين خان صحافين سان ڳالهائيندي تصديق ڪئي آهي ته وزيراعظم يوٽيلٽي اسٽورز تي عوام کي سستي اگهن تي ضرورت واريون شيون فراهم نه ٿيڻ ۽ مهانگي اگهن تي خريد ۽ وڪرو ۾ گهوٽالي جي معاملي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي ۽ ان معاملي جي جاچ شروع ڪرائي ڇڏي آهي.

ذريعن موجب وزيراعظم جي نوٽيس بعد يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن بورڊ جو اجلاس ٿيو ۽ بورڊ وزيراعظم جي ڏنل پيڪيج تحت خريداري ۽ عوام جي لاءِ شين جي دستيابي  جي معاملي تي  جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته چيئرمين يوٽيلٽي اسٽورز بورڊ 15 ڏينهن ۾ جاچ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.