عالمي بئنڪ پاران پاڪستان کي پنجاهه ڪروڙ ڊالرز ملي ويا

ڪراچي؛ پاڪستان کي مالي صورتحال ۾ سهڪار تحت عالمي بئنڪ سان ٿيل معادهدي تحت پنجاهه ڪروڙ ڊالرز ملي ويا آهن.
اسٽيٽ بئنڪ موجب اها رقم بجيٽ ۾ سهڪار ۽ معاشي صورتحال کي سهارو ڏيڻ لاء رعائتي بنيادن تي پاڪستان کي فراهم ڪئي وئي آهي. اها رقم مالياتي نظام کي بهتر ڪرڻ لاء خرچ ڪئي ويندي..