سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واٽس ايپ واهپيدار خبردار! 5 سيڪيورٽي خامين بابت سائبر ايڊوائزري جاري

اسلام آباد : نيشنل سائبر ايمرجنسي رسپانس ٽيم واٽس ايپ جي 5 سيڪيورٽي خامين جي نشاندهي ڪندي واهپيدارن ۽ ادارن لاءِ ايڊوائزري جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ ڊيٽا چوري ۽ ڊوائيسز متاثر ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي.
ايڊوائزري موجب، واٽس ايپ جي اينڊرائيڊ، آءِ او ايس، ونڊوز ۽ ميڪ ورزنز ۾ سيڪيورٽي خاميون موجود آهن، جن ذريعي واهپيدارن جون مقامي فائلون ڊليٽ ٿيڻ، چيٽ جو ڊيٽا ليڪ ٿيڻ ۽ آءِ پي ايڊريس ظاهر ٿيڻ جو خطرو آهي.
ان کانسواءِ هيڪرز واٽس ايپ ذريعي نقصانڪار لنڪس پڻ موڪلي سگهن ٿا.
ايڊوائزري ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته جعلي دستاويزن ذريعي نقصانڪار فائلون هلائڻ جو خطرو به موجود آهي، جڏهن ته ڪجهه سيڪيورٽي خامين ذريعي واهپيدارن جي ڊوائيسز کي نشانو بڻائي سگهجي ٿو.
واٽس ايپ جي هڪ خامي کي اسپام پيغامن ذريعي به استعمال ڪري سگهجي ٿو.
نيشنل سائبر ايمرجنسي رسپانس ٽيم واهپيدارن ۽ ادارن کي فوري طور سائبر سيڪيورٽي جا ضروري اپاءَ وٺڻ ۽ ايپليڪيشن کي اپڊيٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
ايڊوائزري ۾ واٽس ايپ ۽ واٽس ايپ بزنس جا جديد ترين ورزن انسٽال ڪرڻ ۽ غير سرڪاري يا تبديل ڪيل ايپليڪيشنز استعمال نه ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.
واهپيدارن کي اڻڄاتل نمبرن تان مليل لنڪس، فائلون ۽ پيغام کولڻ کان پاسو ڪرڻ، جڏهن ته شڪي پيغامن ۽ اڪائونٽس کي بلاڪ ۽ رپورٽ ڪرڻ جو مشورو پڻ ڏنو ويو آهي.
ادارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ملازمن جي موبائل فونن ۽ ڪمپيوٽرن ۾ واٽس ايپ جا ورزن چيڪ ڪن، جڏهن ته ڪمپيوٽرن ۾ اينڊ پوائنٽ سيڪيورٽي ۽ پاڻمرادو اپڊيٽس جو نظام فعال رکن.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d9%88%d8%a7%d9%bd%d8%b3-%d8%a7%d9%8a%d9%be-%d9%88%d8%a7%d9%87%d9%be%d9%8a%d8%af%d8%a7%d8%b1-%d8%ae%d8%a8%d8%b1%d8%af%d8%a7%d8%b1-5-%d8%b3%d9%8a%da%aa%d9%8a%d9%88%d8%b1%d9%bd%d9%8a-%d8%ae%d8%a7%d9%85/






