سائنس ۽ ٽيڪنالاجي فتح 3 سپر سونڪ ڪروز ميزائيل جو ڪامياب تجربو

اسلام آباد
آءِ ايس پي آر ٻڌايو آهي ته پاڪستان فوج اربع ڏينهن ڪاميابيءَ سان فتح-3 سپر سونڪ ڪروز ميزائل جو تجرباتي فائر ڪيوبيان موجب ”پاڪستان فوج فتح-3 سپر سونڪ ڪروز ميزائل ڪاميابيءَ سان فائر ڪيو، جيڪو پاڪستان جي قومي دفاعي صلاحيتن کي مضبوط بڻائڻ جي سلسلي ۾ هڪ ٻي اهم اڳڀرائي آهي.“
بيان ۾ چيو ويو ته، ”هي هٿيارن وارو نظام جديد نيويگيشن ۽ پروپلشن نظام سان ليس آهي ۽ سپر سونڪ رفتار سان ڊگهي فاصلي تي موجود هدفن کي انتهائي درستگي ۽ تباهه ڪندڙ اثر سان نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو.“
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته هي ميزائل ”پاڪستان فوج جي راڪيٽ فورس ڪمانڊ جي آپريشنل لچڪ ۽ حملي جي حد ۾ نمايان اضافو ڪندو، جنهن سان ملڪ جي مجموعي روايتي دفاعي روڪٿام ۽ دفاعي پوزيشن وڌيڪ مضبوط ٿيندي.“
بيان موجب، فوج جي راڪيٽ فورس ڪمانڊ جي ڪمانڊر، هٿياربند فوجن جي سينيئر آفيسرن، سائنسدانن ۽ انجنيئرن ميزائل جي فائر جو مشاهدو ڪيو.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف، چيف آف ڊفينس فورسز ۽ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن ڪامياب تجربي تي ٽيم کي مبارڪباد ڏني.
بيان جي پڄاڻيءَ ۾ چيو ويو ته انهن پاڪستان جي دفاعي ترقيءَ ۾ هن اهم اڳڀرائي کي ممڪن بڻائڻ لاءِ شامل سمورن اهلڪارن جي لگن ۽ عزم کي ساراهيو.
هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ پاڪستان ايئر فورس ملڪ ۾ تيار ڪيل پهرئين ايئر ٽو ايئر ميزائل ”فَاعَز“ جو ڪامياب اڏام وارو تجربو ڪيو هو. آءِ ايس پي آر چيو هو ته اهو اڏام وارو تجربو ”قومي فضائي ۽ دفاعي صلاحيتن جي ترقيءَ ۾ هڪ ٻي اهم اڳڀرائي“ آهي.
آڪٽوبر ۾ پاڪستان ٻن ميزائلن جا ڪامياب تجربا ڪيا هئا. 13 آڪٽوبر تي فتح-2 وڌايل حد تائين مار ڪندڙ هائپرسونڪ بيلسٽڪ ميزائل جو تجربو ڪيو ويو، جڏهن ته 6 آڪٽوبر تي ملڪ ۾ تيار ڪيل فتح-4 زمين تان فائر ٿيندڙ ڪروز ميزائل جي وڌايل ورزن جو تجربو ڪيو ويو.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d9%81%d8%aa%d8%ad-3-%d8%b3%d9%be%d8%b1-%d8%b3%d9%88%d9%86%da%aa-%da%aa%d8%b1%d9%88%d8%b2-%d9%85%d9%8a%d8%b2%d8%a7%d8%a6%d9%8a%d9%84-%d8%ac%d9%88-%da%aa%d8%a7%d9%85%d9%8a%d8%a7%d8%a8-%d8%aa%d8%ac/






