Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
سائنس ۽ ٽيڪنالاجي

پاڪ چين دوستي نئين بلندين تي پهچي وئي، پاڪستاني خلاباز ذيشان علي چيني خلابازن سان خلائي اسٽيشن پهچي ويو

شيئر ڪريو
پاڪ چين دوستي نئين بلندين تي پهچي وئي، پاڪستاني خلاباز ذيشان علي چيني خلابازن سان خلائي اسٽيشن پهچي ويو

اسلام آباد: پاڪ چين دوستي ڪهڪشائن تائين پهچي وئي، پاڪستاني خلا باز محمد ذيشان علي چيني خلا بازن سان گڏ خلائي اسٽيشن تي پهچي ويو

چين جو خلائي مشن شينزو 24 ڪاميابيءَ سان چيني خلائي اسٽيشن تي پهچي ويو، مشن جي عملي ۾ پاڪستاني خلا باز محمد ذيشان علي به شامل آهي، جيڪو چيني خلائي اسٽيشن تي پهچندڙ پهريون پرڏيهي خلا باز بڻجي ويو.

پاڪستاني وقت موجب خلائي مشن جي اڏام صبح 5 لڳي 18 منٽن تي چين جي خلائي مرڪز تان روانو ٿي، هزارين چيني شهرين مشن جي روانگيءَ جو سڌو سنئون مشاهدو ڪيو، جڏهن ته وفاقي وزير احسن اقبال ۽ چين ۾ پاڪستاني سفير پڻ ان تاريخي موقعي تي موجود هئا.

محمد ذيشان علي سان گڏ ٻه چيني خلا باز پڻ خلائي شٽل ۾ سوار آهن، ٽئي خلا باز هڪ هفتي تائين خلائي اسٽيشن تي رهندا ۽ مختلف سائنسي تجربا ڪندا. چيني سرڪاري ميڊيا موجب شينزو 24 مشن دوران 90 سائنسي تجربا ۽ ٽيڪنالاجي جا امتحان ڪيا ويندا.

خلائي مشن تي روانگيءَ کان اڳ پنهنجي پيغام ۾ ذيشان علي چيو ته پاڪ چين دوستي ڪهڪشائن تائين پهچي چڪي آهي، هي مشن پاڪستان لاءِ وڏو اعزاز آهي، اميد آهي ته مستقبل ۾ به وڌيڪ گڏيل خلائي مشن شروع ٿيندا. ذيشان علي وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات جو ذڪر ڪندي چيو ته وزيراعظم کيس چيو هو ته هن مشن ۾ ذيشان علي نه پر پاڪستان وڃي رهيو آهي.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d9%be%d8%a7%da%aa-%da%86%d9%8a%d9%86-%d8%af%d9%88%d8%b3%d8%aa%d9%8a-%d9%86%d8%a6%d9%8a%d9%86-%d8%a8%d9%84%d9%86%d8%af%d9%8a%d9%86-%d8%aa%d9%8a-%d9%be%d9%87%da%86%d9%8a-%d9%88%d8%a6%d9%8a%d8%8c-%d9%be/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون