سياست مولانا فضل الرحمان کي نظر بند ڪيو ويو آهي ته انهي جا سبب به ٻڌائڻا پوندا: لاهور هاءِ ڪورٽ

لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ مولانا فضل الرحمان جي بازيابي لاءِ داخل درخواست تي سي سي پي او لاهور کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي.
لاهور هاءِ ڪورٽ جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي مبينه نظربندي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪندي ريمارڪس ڏنا آهن ته جنهن به غيرقانوني قدم کنيو ته انهي کي نتيجا ڀوڳڻا پوندا. جيڪڏهن انهي کي نظر بند ڪيو آهي ته انهي جا سبب بيان ڪرڻا پوندا. عدالت سي سي پي او لاهور کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو.
رپورٽ موجب جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي مبينه نظربندي جي خلاف داخل درخواست تي اربع تي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي، جتي ٻڌڻي دوران لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس علي ضيا باجوه ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن نظربندي ٿي آهي ته معاملو ڏکي نوعيت جو آهي.
ريمارڪس ۾ عدالت طرفان چيو ويو ته جنهن به غيرقانوي قدم کنيو انهي کي نتيجا ڀوڳڻا پوندا، جيڪڏهن مولانا فضل الرحمان کي نظربند ڪيو ويو آهي ته انهي جا به سبب بيان ڪرڻا پوندا. اهڙن ريمارڪس سان ئي لاهور هاءِ ڪورٽ انهي معاملي تي سي سي پي او لاهور کي نوٽيس جاري ڪندي انهي کان جواب طلب ڪري ورتو ۽ وڌيڪ ڪارروائي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d9%85%d9%88%d9%84%d8%a7%d9%86%d8%a7-%d9%81%d8%b6%d9%84-%d8%a7%d9%84%d8%b1%d8%ad%d9%85%d8%a7%d9%86-%da%a9%d9%8a-%d9%86%d8%b8%d8%b1-%d8%a8%d9%86%d8%af-%da%aa%d9%8a%d9%88-%d9%88%d9%8a%d9%88-%d8%a2%d9%87/






