Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
سياست

مان هن وقت رياستي حصار ۾ آهيان، ڪارڪنن کي جبر جو نشانو بنايو پيو وڃي: مولانا فضل الرحمان

شيئر ڪريو
مان هن وقت رياستي حصار ۾ آهيان، ڪارڪنن کي جبر جو نشانو بنايو پيو وڃي: مولانا فضل الرحمان

لاهور: جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته مان هن وقت رياستي حصار ۾ آهيان، اسان جي ڪارڪنن کي رياستي جبر جو نشانو بنايو پيو وڃي.

لاهور هاءِ ڪورٽ بار جي وڪيلن سان وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته سمورو شهر رياستي رڪاوٽن سان ڀريل آهي. سمورا رستا بند آهن، ناڪا لڳايا ويا آهن، هڪ مهذب شهري کي دانشورن جي محفل ۾ وڃڻ کان روڪيو پيو وڃي. رياستي جبر ۽ رنڊڪن مون کي لاهور هاءِ ڪورٽ بار جي وڪيلن سان سڌو سنئون مخاطب ٿيڻ کان محروم رکيو.

مولانا فضل الرحمان چيو ته  جبر سان ڪوبه فائدو حاصل نه ٿيندو آهي پر صبر  کي سموري تاريخ ۾ هميشه فائدو ملي رهيو آهي، اسان ملڪ ۾ امن جا حمايتي آهيون، امن قائم ڪرڻ جي لاءِ هميشه پنهنجي حياتين جو نذرانو پيش ڪيو آهي، اسان ڪنهن حڪمران يا رياستي اداري کان ملڪ سان وفا جو سرٽيفڪيٽ وٺڻ نه آيا آهيون.

جي يو آءِ جي امير چيو ته پاڪستان سان وفاداريون شڪ کان مٿانهيون آهن، انشاالله انهن جون  سموريون سازشون بي نقاب ٿينديون. جمعيت علماءِ اسلام جو هڪ هڪ  ڪارڪن پنهنجي پڪي ارادي سان جبل جيان ڄميل آهي. جبر جي سامهون ڪنڌ جهڪائڻ لاءِ تيار نه آهي. اسان ملڪ سان محبت ڪئي آهي. ملڪ سان وفا ڪئي آهي ڪنهن به طاقتور جي غلامي قبول نه ڪئي آهي.

هن جو چوڻ هو ته 26 نومبر تي سرگودها ۾ جمعيت علماءِ اسلام هڪ وڏي  ڪانفرنس منعقد ڪري رهي آهي. سموري سرگودها ڊويزن ۾ اسان جا ڪارڪن رياستي جبر جو نشانو بڻجي رهيا آهن. مقامي اڳواڻن جا ڪاروبار بند ۽ دڪانون سيل ڪيون پيون وڃن. بهکر، ميانوالي، خوشاب ۽ سرگودها ۾ ڪارڪنن جون گرفتاريون  ۽ پيڇو ڪيو پيو وڃي. اسان جو پڪو ارادو آهي ته اسان کي سرگودها ڪانفرنس هر صورت ۾ ڪرڻي آهي. عوام انهي اجتماع کي ڪامياب بنائي پنهنجي حريت ۽ آزادي جو مظاهرو ڪن.

مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان عوام جو ڪيس وڙهي رهيا آهيون، پاڪستان ۽ انهي رياست جو ڪيس وڙهي رهيا آهيون، اڄ قومي، ملي وحدت جو وقت آهي، هر پاڪستاني شهري کي پنهنجو فرض ادا ڪرڻ گهرجي. اسان جي خلاف رياستي طاقتن جي روين ۾ شدت انهي وقت آئي جڏهن اسان قبائلي علائقن ۾ معدني ذخيرن جي حوالي سان انهن جو ڪردار بي نقاب ڪيو.

جي يو آءِ سربراهه چيو ته خيبرپختونخواهه، بلوچستان، گوادر، سامونڊي علائقا ۽ پنجاب جي عوام جي حقن جي جنگ وڙهي رهيا آهيون. معدني ذخيرا عوام جي ملڪيت آهن. وفاق يا ڪنهن ٻئي طاقتور اداري جي ملڪيت نه آهن. اسان عوام جي وسيلن کي  ڦرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نٿا ڏئي سگهون. اسان صبر  کان ڪم وٺي رهيا آهيون ۽ پنهنجي موقف تي اڄ به ڄميل آهيون.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d9%85%d8%a7%d9%86-%d9%87%d9%86-%d9%88%d9%82%d8%aa-%d8%b1%d9%8a%d8%a7%d8%b3%d8%aa%d9%8a-%d8%ad%d8%b5%d8%a7%d8%b1-%db%be-%d8%a2%d9%87%d9%8a%d8%a7%d9%86%d8%8c-%da%aa%d8%a7%d8%b1%da%aa%d9%86%d9%86-%da%a9/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون