سائنس ۽ ٽيڪنالاجي گوگل سرچ بٽڻ ختم، سرچ انجن جو روايتي انداز تبديل ڪرڻ جو فيصلو

واشنگٽن : دنيا جي مشهور سرچ انجن گوگل پنهنجي هوم پيج ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن تحت روايتي گوگل سرچ بٽڻ ختم ڪري ان جي جاءِ تي مصنوعي ذهانت (اي آءِ) تي ٻڌل نوان فيچر شامل ڪيا پيا وڃن.گوگل پنهنجي هوم پيج جي روايتي ڊيزائن ۾ تمام گهٽ تبديليون ڪندو رهيو آهي، پر مصنوعي ذهانت جي وڌندڙ مقبوليت کي نظر ۾ رکندي ڪمپني لڳ ڀڳ 25 سالن کانپوءِ سرچ انجن کي نئين انداز ۾ پيش ڪري رهي آهي.گوگل سرچ جي نائب صدر روبي اسٽين سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي نئين ڊيسڪ ٽاپ هوم پيج جي جهلڪ شيئر ڪندي ٻڌايو ته دنيا جي مختلف ملڪن ۾ نئين انٽرفيس جي مرحليوار فراهمي شروع ڪئي وئي آهي. نئين ڊيزائن ۾ گوگل سرچ باڪس جي هيٺان موجود روايتي سرچ بٽڻ ختم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ان جي جاءِ تي ٽي نوان آپشن شامل ڪيا ويا آهن.پهريون آپشن ’نانو بنانا‘ ذريعي تصويرون ٺاهڻ لاءِ هوندو، جنهن جي مدد سان واهپيدار لکت ۾ هدايتون ڏئي مصنوعي ذهانت وسيلي تصويرون تيار ڪري سگهندا.ٻيو آپشن ’Ask about files‘ هوندو، جنهن ذريعي واهپيدار پنهنجون فائلون اپلوڊ ڪري انهن بابت سوال پڇي سگهندا، دستاويزن جو تجزيو ڪرائي سگهندا ۽ گهربل ڄاڻ حاصل ڪري سگهندا.ٽيون آپشن ’Brainstorm‘ هوندو، جنهن جي مدد سان واهپيدار جيمني اي آءِ ذريعي نوان خيال، منصوبا ۽ تخليقي ڪمن بابت تجويزون حاصل ڪري سگهندا.ان سان گڏ گوگل جو روايتي ’I’m Feeling Lucky‘ بٽڻ برقرار رکيو ويو آهي، جنهن کي اڳ ۾ تبديل ڪرڻ يا ختم ڪرڻ تي غور ڪيو پئي ويو.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%da%af%d9%88%da%af%d9%84-%d8%b3%d8%b1%da%86-%d8%a8%d9%bd%da%bb-%d8%ae%d8%aa%d9%85%d8%8c-%d8%b3%d8%b1%da%86-%d8%a7%d9%86%d8%ac%d9%86-%d8%ac%d9%88-%d8%b1%d9%88%d8%a7%d9%8a%d8%aa%d9%8a-%d8%a7%d9%86%d8%af/






