Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
رانديون

سلطان اذلان شاهه هاڪي ڪپ: پاڪستان آمريڪا کي 1-5 تان شڪست ڏئي ڇڏي

شيئر ڪريو
سلطان اذلان شاهه هاڪي ڪپ: پاڪستان آمريڪا کي 1-5 تان شڪست ڏئي ڇڏي

ايپوه: پاڪستان سلطان اذلان شاهه هاڪي ڪپ ۾ مسلسل ٻئي ڪاميابي حاصل ڪندي آمريڪا کي هڪ جي مقابلي ۾ پنج گولن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي.

ملائيشيا جي شهر ايپوه ۾ جاري ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان انهي کان اڳ پنهنجي افتتاحي ميچ ۾ ڪينيڊا کي به 1-5 تان شڪست ڏني هئي. آمريڪا خلاف ميچ ۾ پاڪستان طرفان سفيان خان، محمد احمد، ابوبڪر، رانا وحيد ۽ هنان شاهد هڪ هڪ گول ڪيو.

پاڪستان ٻئي ڪوارٽر ۾ 2 گول ڪري برتري حاصل ڪئي جڏهن ته ٽئين ڪوارٽر ۾ هڪ ٻئي آخري ڪوارٽر ۾ ٻيهر کان 2 گول اسڪور ڪيا. پاڪستان کي ليگ مرحلي ۾ هاڻ وڌيڪ 3 ميچز کيڏڻا آهن. قومي ٽيم 23 نومبر تي آسٽريليا، 24 نومبر تي ڏکڻ ڪوريا ۽ 26 نومبر تي ميزبان ملائيشيا جي خلاف ميدان ۾ لهندي.

سلطان اذلان شاهه هاڪي ڪپ ۾ پاڪستان، آسٽريليا، ملائيشيا، ڏکڻ ڪوريا، آمريڪا ۽ ڪينيڊا سميت 6 ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن. ٽورنامينٽ جي آخري ڏينهن يعني 29 نومبر تي پوزيشن جا ميچز ۽ فائنل کيڏيو ويندو.

ليگ مرحلي ۾ پهرين ۽ ٻئي پوزيشن حاصل ڪندڙ ٽيمون گولڊ ميڊل جي لاءِ آمهون سامهون ٿينديون، پاڪستان به سٺي ڪارڪردگي جي بدولت فائنل تائين پهچ حاصل ڪري سگهي ٿو.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%b3%d9%84%d8%b7%d8%a7%d9%86-%d8%a7%d8%b0%d9%84%d8%a7%d9%86-%d8%b4%d8%a7%d9%87%d9%87-%d9%87%d8%a7%da%aa%d9%8a-%da%aa%d9%be-%d9%be%d8%a7%da%aa%d8%b3%d8%aa%d8%a7%d9%86-%d8%a2%d9%85%d8%b1%d9%8a%da%aa/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون