سياست بلاول ڀٽو کي وزيراعظم بڻجندي ڏسي رهي آهيان: فريال ٽالپر

لاهور: پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ فريال ٽالپر چيو آهي ته مان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم بڻجندي ڏسي رهي آهيان.
لاهور ۾ ڳالهيون ڪندي فريال ٽالپر جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي کي پنجاب ۾ پنهنجي وڃايل سياسي جڳهه ٻيهر حاصل ڪرڻي پوندي. پنجاب ۾ اڄ به پارٽي جي لاءِ سياسي گنجائش موجود آهي، عوام پيپلز پارٽي سان محبت ڪري ٿي.
هن چيو ته سياسي پارٽيون صرف شخصيتن ۽ هيروز جي سهاري نٿيون هلي سگهن پر مضبوط تنظيمي ڍانچي ۽ ڪارڪنن جي محنت تي ڌيان ڏيڻو پوندو. نوجوانن کي سياسي عمل ۾ شامل ڪرڻ ۽ رضاڪارانه نظام کي هٿي ڏيڻ به ضروري آهي.
فريال ٽالپر چيو ته في الحال سيٽن تي ڳالهه نه ڪري رهي آهيان پر پارٽي کي بلدياتي چونڊن جي تياري ڪرڻ گهرجي، بلاول ڀٽو زرداري کي پاڪستان جو وزيراعظم بڻجندي ڏسي رهي رهي آهيان.
عورتن جي گرفتارين بابت هن جو چوڻ هو ته عورتن کي جيل ۾ نه هجڻ گهرجي، مردن جو حساب مردن کان ورتو وڃي، عورتن کي انهي ۾ شامل نه ڪيو وڃي.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%a8%d9%84%d8%a7%d9%88%d9%84-%da%80%d9%bd%d9%88-%da%a9%d9%8a-%d9%88%d8%b2%d9%8a%d8%b1%d8%a7%d8%b9%d8%b8%d9%85-%d8%a8%da%bb%d8%ac%d9%86%d8%af%d9%8a-%da%8f%d8%b3%d9%8a-%d8%b1%d9%87%d9%8a-%d8%a2%d9%87/






