رانديون سائوٿ ايشين گيمز: سليڪشن لاءِ چئن ڏينهن جي ٽرائلز جو اعلان، قومي ايٿليٽس مشڪل ۾ پئجي ويا

لاهور: پاڪستان ۾ ايندڙ سال اپريل ۾ منعقد ٿيندڙ 14هين سائوٿ ايشين گيمز جي لاءِ قومي ايٿليٽڪس ٽيم جي چونڊ واري معاملي تي قومي ايٿليٽس مشڪل ۾ پئجي ويا.
گيمز جي قائم ڪيل ايٿليٽڪس ڪميٽي 16 کان 19 نومبر تي اسلام آباد ۾ چئن ڏينهن جي ٽرائلز جوا علان ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف پاڪستان ايٿليٽڪس فيڊريشن اهڙن ٽرائلز کي غيرقانوني قرار ڏيندي پنهنجي سمورن لاڳاپيل يونٽس جي موقف جي پابندي ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
گيمز جي ايٿليٽڪس ڪميٽي ٽرئالز جي ذريعي بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگرن کي شارٽ لسٽ ڪري قومي تربيتي ڪيمپ ۾ شامل ڪرڻ جو اشارو ڏنو ويو آهي.
قومي فيڊريشن جو چوڻ آهي ته انهن کي ورلڊ ايٿليٽڪس ۽ ايشين ايٿليٽڪس طرفان تسليم ٿيل ۽ مجاز هجڻ جي ناتي ملڪ ۾ مردن ۽ عورتن جي ايٿليٽڪس جي انتظام، انصرام ۽ نگراني جا خصوصي اختيار حاصل آهن.
آئين جي تحت پاڪستان ۾ ۽ پرڏيهي ملڪن ۾ منعقد ٿيل ايٿليٽڪس پروگرامن ۽ مقابلن ۾ پاڪستان جي نمائندگي لاءِ رانديگرن ۽ آفيشلز جي چونڊ ڪرڻ فيڊريشن جي ذميواري آهي. اهڙين حقيقتن کي نظر ۾ رکندي سمورن لاڳاپيل يونٽس ايٿليٽڪس فيڊريشن آف پاڪستان جي سرڪاري موقف جي پابندي ضروري آهي.
هوڏانهن قومي ايٿليٽس جو چوڻ آهي ته اختلافن سبب انهن جي اهليت ۽ صلاحيتون متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي جڏهن ته موجوده ٻڏتر جي صورتحال ۾ سخت ذهني اذيت جو شڪار آهن جيڪا انهن جي ڪارڪردگي کي متاثر ڪرڻ جو به سبب بڻجندي.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%b3%d8%a7%d8%a6%d9%88%d9%bf-%d8%a7%d9%8a%d8%b4%d9%8a%d9%86-%da%af%d9%8a%d9%85%d8%b2-%d8%b3%d9%84%d9%8a%da%aa%d8%b4%d9%86-%d9%84%d8%a7%d8%a1%d9%90-%da%86%d8%a6%d9%86-%da%8f%d9%8a%d9%86%d9%87%d9%86/






