Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
سياست

عمران خان جون 2 ڀينرون نورين نيازي ۽ عظميٰ خان ڪوٽ لکپت جيل مان آزاد

شيئر ڪريو
عمران خان جون 2 ڀينرون نورين نيازي ۽ عظميٰ خان ڪوٽ لکپت جيل مان آزاد

اسلام آباد: اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ڪوٽ لکهپت جيل ۾ قيد 3 ڀينرن مان 2 يعني نورين نيازي ۽ عظميٰ خان کي آزاد ڪيو ويو آهي.  پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) پنجاب جي ترجمان موجب عليمه خان کي آزاد نه ڪيو ويو اها اڃان تائين ناحق قيد ۾ آهي.

ذريعن موجب نورين نيازي ۽ عظميٰ خان ڪوٽ لکهپت جيل ۾ نظر بند هيون. نورين نيازي ۽ عظميٰ خان جي آزادي ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

ٻنهي ڀينرن جي آزادي 50 ڏينهن جي نظربندي کان پوءِ عمل ۾ آئي، ٻنهي ڀينرن کي نورين نيازي جي ڌيءَ باجوه نيازي جي حوالي ڪيو ويو. ٻنهي ڀينرن کي احتجاج کي نظر ۾ رکندي ايم پي او قانون جي تحت نظربند ڪيو ويو هو، باني تحريڪ انصاف جي ڀيڻ عليمه خان اڃان تائين ڪوٽ لکهپت جيل ۾ آهي.

آزادي ماڻيندڙ ٻنهي عورتن کي خيبرپختونخواهه جي هٽايل وڏي وزير سهيل آفريدي طرفان عمران خان ۽ انهي جي گهر واري بشريٰ بي بي جي آزادي ۽ ٻين مطالبن جي لاءِ شروعاتي طور تي 27 سيپٽمبر تي اسلام آباد طرف لانگ مارچ کان اڳ 21 سيپٽمبر تي حراست ۾ ورتو ويو هو. جنهن کان پوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف اهو مارچ 4 آڪٽوبر تي ملتوي ڪري ڇڏيو هو جنهن جي شروعات جي ستين ڏينهن وفاقي حڪومت خيبرپختونخواهه ۾ گورنر راج ۽ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي هئي.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%b9%d9%85%d8%b1%d8%a7%d9%86-%d8%ae%d8%a7%d9%86-%d8%ac%d9%88%d9%86-2-%da%80%d9%8a%d9%86%d8%b1%d9%88%d9%86-%d9%86%d9%88%d8%b1%d9%8a%d9%86-%d9%86%d9%8a%d8%a7%d8%b2%d9%8a-%db%bd-%d8%b9%d8%b8%d9%85/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون