Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
رانديون

ٽيم سليڪشن جو ڪم لاڳاپيل اختيارين جو آهي، هر ڳالهه ٻڌائڻ ضروري نٿو سمجهان: بابر اعظم

شيئر ڪريو
ٽيم سليڪشن جو ڪم لاڳاپيل اختيارين جو آهي، هر ڳالهه ٻڌائڻ ضروري نٿو سمجهان: بابر اعظم

راولپنڊي: قومي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جو چوڻ آهي ته جيڪي 15 رانديگر مون کي ڏنا ويا آهن، انهن کان بهترين ڪارڪردگي وٺڻ منهنجي ذميواري آهي، جڏهن ته سليڪشن جو ڪم لاڳاپيل اختيارين جو آهي مان هتي هر ڳالهه ٻڌائڻ ضروري نٿو سمجهان.

راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بابر اعظم چيو ته ٽيسٽ سيريز ۾ مثبت شيون ڏسڻ لاءِ ملنديون، اسڪواڊ ۾ ڪيترائي نوان رانديگر شامل آهن جن کي پنهنجون صلاحيتون ڏيکارڻ جو موقعو ملندو.

هن چيو ته ٽيم کي واضح پيغام ڏيان ٿو ته رانديگرن کي  پنهنجي  راند پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، پنهنجي ڪارڪردگي جي حوالي سان هن جو چوڻ هو ته بهتري جي گنجائش هميشه موجود رهندي آهي ۽  مان روز ڪجهه نه ڪجهه سکڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهيان.

ڪپتان بابر اعظم جو وڌيڪ چوڻ هو ته مان پنهنجي ذميواري ادا ڪري رهيو آهيان، بهترين نتيجا ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس، جتي مون کان راءِ طلب ڪئي ويندي آهي مان اتي ضرور پنهنجون تجويزون ڏيندو آهيان.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d9%bd%d9%8a%d9%85-%d8%b3%d9%84%d9%8a%da%aa%d8%b4%d9%86-%d8%ac%d9%88-%da%aa%d9%85-%d9%84%d8%a7%da%b3%d8%a7%d9%be%d9%8a%d9%84-%d8%a7%d8%ae%d8%aa%d9%8a%d8%a7%d8%b1%d9%8a%d9%86-%d8%ac%d9%88-%d8%a2%d9%87/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون