Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
سياست

بشريٰ بي بي جي اکين جي روشني متاثر، ذاتي خرچ تي علاج جي اجازت لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل

شيئر ڪريو
بشريٰ بي بي جي اکين جي روشني متاثر، ذاتي خرچ تي علاج جي اجازت لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ 190 ملين  پائونڊ ڪيس ۾ سزا يافته ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي جي نئين گڏيل درخواست داخل ڪئي وئي آهي.

بيرسٽر سلمان صفدر طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته بشريٰ بي بي جي اکين جي روشني تمام گهڻي متاثر ٿي رهي آهي، جنهن کي نظر ۾ رکندي داخل درخواست ۾ اڊياله جيل اختيارين کان انهي جي مڪمل ميڊيڪل رپورٽ طلب ڪرڻ ۽ ذاتي خرچ تي ماهر اکين جي ڊاڪٽر کان فوري علاج جي اجازت ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.

ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اڊياله جيل ۾ وڪيل سان ملاقات جي دوران عمران خان بشريٰ بي بي جي اکين بابت مسئلي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي بشريٰ بي بي جي ڪيسز ۾ عدالتن کان رليف وٺڻ جي هدايت ڪئي هئي.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%a8%d8%b4%d8%b1%d9%8a%d9%b0-%d8%a8%d9%8a-%d8%a8%d9%8a-%d8%ac%d9%8a-%d8%a7%da%a9%d9%8a%d9%86-%d8%ac%d9%8a-%d8%b1%d9%88%d8%b4%d9%86%d9%8a-%d9%85%d8%aa%d8%a7%d8%ab%d8%b1%d8%8c-%d8%b0%d8%a7%d8%aa%d9%8a/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون