Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
رانديون

ميڪسويل پاران رٽائرمينٽ جو اعلان

شيئر ڪريو
ميڪسويل پاران رٽائرمينٽ جو اعلان

لنڊن : آسٽريليا جي جارحاڻي مزاج واري بيٽر ۽ آل رائونڊر گلين ميڪسويل انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڪرڪيٽ ويب سائيٽ موجب گلين ميڪسويل 7 ٽيسٽ، 149 ون ڊي ۽ 130 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ آسٽريليا جي نمائندگي ڪئي. ميڪسويل 2026ع جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ عمان خلاف آخري ڀيرو آسٽريليا جي نمائندگي ڪئي. هو 2022ع جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۽ 2015ع توڙي 2023ع جي ورلڊ ڪپ کٽيندڙ آسٽريلوي ٽيمن جو حصو رهيو. ميڪسويل ڀارت ۾ ٿيل 2023ع جي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ افغانستان خلاف ڊبل سينچري اسڪور ڪري ون ڊي ڪرڪيٽ جي تاريخ جي بهترين اننگز مان هڪ کيڏي هئي ۽ پنهنجي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري هئي.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d9%85%d9%8a%da%aa%d8%b3%d9%88%d9%8a%d9%84-%d9%be%d8%a7%d8%b1%d8%a7%d9%86-%d8%b1%d9%bd%d8%a7%d8%a6%d8%b1%d9%85%d9%8a%d9%86%d9%bd-%d8%ac%d9%88-%d8%a7%d8%b9%d9%84%d8%a7%d9%86/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون