Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
سياست

جماعت اسلامي جو اسلام آباد مارچ نومبر جي وچ ۾ ٿيندو: حافظ نعيم الرحمان

شيئر ڪريو
جماعت اسلامي جو اسلام آباد مارچ نومبر جي وچ ۾ ٿيندو: حافظ نعيم الرحمان
Photo: Voice of America / Public domain, via Wikimedia Commons

جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان اڱاري تي وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات بعد چيو ته اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ نومبر جي وچ ۾ ٿيندو ۽ هاڻي ان کي وڌيڪ ملتوي نه ڪيو ويندو. جماعت اسلامي پيٽروليم ليوي فوري ختم ڪرڻ ۽ پيٽرول سستو ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهي آهي، جڏهن ته حڪومت ليوي مرحليوار ختم ڪرڻ چاهي ٿي.

ٻنهي ڌرين تجويزن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڇهن ميمبرن واري ڪميٽي ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو آهي. حڪومت پاران احسن اقبال، اسحاق ڊار ۽ رانا ثناءُالله ڪميٽي ۾ شامل هوندا. حڪومت عالمي معاشي دٻاءُ ۽ تيل جي وڌندڙ اگهن جو حوالو ڏيندي ليوي تي فيصلي لاءِ وڌيڪ وقت گهريو آهي.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/ji-islamabad-march-mid-november/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

74 خبرون