رانديون هيري ڪين بيلن ڊي اور کٽي ورتو، 25 سالن بعد ڪنهن انگلش رانديگر کي اعزاز

هيري ڪين ڪيليان ايمباپي ۽ لامين يامال کي پوئتي ڇڏي بيلن ڊي اور ايوارڊ کٽي ورتو، هو 25 سالن ۾ اهو اعزاز ماڻيندڙ پهريون انگلش رانديگر آهي.
ڪين گذريل سيزن ۾ ڪلب ۽ ملڪ لاءِ 65 ميچن ۾ 73 گول ڪيا. هن ايوارڊ کي خوابن کان وڌيڪ قرار ڏنو پر چيو ته کيس اڃا گهڻو ڪجهه ثابت ڪرڻو آهي.
عورتن جو ايوارڊ اليڪسيا پوتياس ٽئين ڀيري کٽيو، لوئس ڊي لا فوئنتي سال جو بهترين ڪوچ ۽ پي ايس جي بهترين ڪلب قرار پاتا.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/harry-kane-ballon-dor/






