Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
ڪاروبار

ڪرنسي ٽرانزيڪشن رپورٽ جي حد وڌائي 30 لک رپيا ڪئي وئي

شيئر ڪريو
ڪرنسي ٽرانزيڪشن رپورٽ جي حد وڌائي 30 لک رپيا ڪئي وئي
Photo: Reserve Bank of India / Tanvir Rahman • Personal Website / Public domain, via Wikimedia Commons

مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردن جي مالي مدد خلاف قومي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي بئنڪن لاءِ ڪرنسي ٽرانزيڪشن رپورٽ جي حد 20 لکن مان وڌائي 30 لک رپيا ڪري ڇڏي آهي.

ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي صدارت ۾ ڪميٽي بحري قزاقيءَ کي مني لانڊرنگ خلاف ايڪٽ تحت ڏوهه ۾ شامل ڪرڻ ۽ پاڪستان ورچوئل ايسٽس ريگيوليٽري اٿارٽي کي قانون جي دائري ۾ آڻڻ جي به منظوري ڏني، جنهن سان ان کي ورچوئل اثاثن تي اختيار ملي ويندا.

اجلاس ۾ فنانشل مانيٽرنگ يونٽ جي ڪارڪردگي ۽ مصنوعي ذهانت جي استعمال جو جائزو ورتو ويو، ناڻي واري وزير عمل لاءِ واضح روڊ ميپ ۽ ٽائيم لائين گهري.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/aml-currency-transaction-threshold-rs3m/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

74 خبرون