ڪاروبار اسٽيٽ بئنڪ وياج جي شرح اڌ سيڪڙو وڌائي 12 سيڪڙو ڪري ڇڏي

اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي مانيٽري پاليسي ڪميٽي سومر تي وياج جي شرح ۾ 50 بيسس پوائنٽس واڌ ڪري ان کي 12 سيڪڙو ڪري ڇڏيو.
ڪجهه بئنڪارن تيل جي وڌندڙ اگهن سبب پيدا ٿيندڙ مهانگائي روڪڻ لاءِ هڪ سيڪڙو واڌ جو مطالبو ڪيو هو، ان ڪري گهٽ واڌ تي مارڪيٽ سک جو ساهه کنيو.
وياج جي شرح وڌڻ سان ڪاروبار ۽ صارفين لاءِ قرض مهانگو ٿي وڃي ٿو، پر ان جو مقصد اگهن ۾ واڌ جي رفتار گهٽائڻ هوندو آهي.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/sbp-raises-policy-rate-12-percent/






