ڪاروبار پيٽرول 3 رپيا 19 پئسا سستو، ڊيزل 2 رپيا 25 پئسا مهانگو

حڪومت 28 آڪٽوبر کان پيٽرول جي اگهه ۾ 3 رپيا 19 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪري نئون اگهه 376 رپيا 6 پئسا مقرر ڪيو آهي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل 2 رپيا 25 پئسا مهانگو ٿي 398 رپيا 7 پئسا ٿي ويو آهي.
حڪومت هن وقت پيٽرول تي في ليٽر لڳ ڀڳ 114 رپيا ۽ ڊيزل تي 100 رپيا ٽيڪس ۽ ڊيوٽي وٺي رهي آهي. 3 اپريل تي پيٽرول 458 رپيا 41 پئسا ۽ ڊيزل 520 رپيا 35 پئسا جي بلند ترين سطح تي هو، 17 جولاءِ کان اوگرا روزانو اگهه مقرر ڪري رهي آهي.
ٻئي پاسي وزيراعظم ۽ جماعت اسلامي فيول رليف اسڪيم کي وسعت ڏيڻ تي غور لاءِ گڏيل ڪميٽي ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو آهي.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/petrol-cut-rs3-diesel-up-rs2/






