سياست جيل ۾ قيد پي ٽي آءِ اڳواڻن جو قيادت کان اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جو مطالبو

پاڪستان تحريڪ انصاف جي جيل ۾ قيد اڳواڻن پارٽي قيادت تي زور ڏنو آهي ته ايندڙ لائحه عمل تي اتفاق راءِ پيدا ڪيو وڃي.
انهن جو مطالبو آهي ته پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي آزادي کي پارٽي پاليسي جو حصو بڻايو وڃي.
هي اپيل سياسي ڇڪتاڻ جي ماحول ۾ سامهون آئي آهي، هن مهيني جي شروعات ۾ ڳالهين ناڪام ٿيڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ ڪارڪنن عمران خان جي آزاديءَ لاءِ مارچ ڪيو هو.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/jailed-pti-leaders-urge-consensus/






