سنڌ ڪراچي ۾ منڪي پاڪس جو شڪار پهريون ننڍڙو ٻار فوت، سنڌ ۾ موتن جو تعداد 12 ٿي ويو

صحت کاتي موجب ڪراچي ۾ منڪي پاڪس ۾ مبتلا ٿيندڙ پهريون ننڍڙو ٻار اسپتال ۾ فوت ٿي ويو.
ان سان هن سال سنڌ ۾ منڪي پاڪس سبب موتن جو تعداد 12 ٿي ويو آهي، جڏهن ته صوبي ۾ 98 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن.
صحت کاتي شهرين کي چيو آهي ته داڻن، بخار يا غدود سڄڻ جي صورت ۾ جلد ڊاڪٽر سان رابطو ڪن ۽ مشڪوڪ مريضن سان ويجهي رابطي کان پاسو ڪن.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/karachi-infant-mpox-death-sindh-toll-12/






