رانديون نيشنل بيچ والي بال چيمپيئن شپ منوڙي ۾ شروع

نيشنل بيچ والي بال چيمپيئن شپ اربع کان ڪراچي جي منوڙي بيچ تي شروع ٿي رهي آهي جيڪا 30 آڪٽوبر تائين جاري رهندي.
پاڪستان والي بال فيڊريشن ايونٽ کان اڳ ڪراچي ۾ ريفريز ڪلينڪ، ٽيڪنيڪل ميٽنگ ۽ ڪڻا ڪڍڻ جو عمل ڪيو، ٽيمن کي چئن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي.
منوڙي جو کليل سمنڊ ڪنارو ملڪ جي انهن ٿورن هنڌن ۾ شامل آهي جيڪي هن راند جي بيچ ورزن لاءِ موزون آهن.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/national-beach-volleyball-manora/






