سياست پي ٽي آءِ سان ڳالهين جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي: گورنر خيبرپختونخواهه

پشاور: خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته پي ٽي آءِ سان ڳالهين جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.
پشاور ۾ نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي خيبرپختونخواهه جي گورنر چيو ته اسان کي جنهن به کاتي جي بريفنگ ڏني ويندي آهي انهي تي اسان جا مٿي تي هٿ اچي ويندا آهن، شهر ۾ جيڪا صفائي ٿي رهي آهي ڇا اهي صفائي جو سلسلو جاري نٿي رکي سگهيا. هن چيو ته انهي وقت ملازم انهن جي گهرن ۾ نوڪري ڪري رهيا هئا يا گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيا هئا پر هاڻ جنهن کي به گهر ويٺي پگهار کڻڻي اهو اهو نوڪري تان هٿ کڻندو، ڏوهه ثابت ٿيڻ تي سزا ۽ جزا جو نظام هوندو.
فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي ته اسان ڳالهيون ڪريون، پي ٽي آءِ جون 4 فرنچائيز آهن، هڪ پارٽي پنهنجي چيئرمين، جنرل سيڪريٽري، اسپيڪر کي نٿي مڃي ته پوءِ اها اسان کي ڇا مڃيندي.
گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته هي پنهنجو پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهن خبر نٿي پوي ته هنن جو پاڻ ۾ جهيڙو ڪهڙي ڳالهه تي آهي، اهي ٻڌائين ته اوريجنل فرنچائز انهن مان ڪهڙي آهي. هن وڌيڪ چيو ته سهيل آفريدي جي گرفتاري وارنٽ جون سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪيون وينديون.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d9%be%d9%8a-%d9%bd%d9%8a-%d8%a2%d8%a1%d9%90-%d8%b3%d8%a7%d9%86-%da%b3%d8%a7%d9%84%d9%87%d9%8a%d9%86-%d8%ac%d9%88-%d8%b3%d9%88%d8%a7%d9%84-%d8%a6%d9%8a-%d9%be%d9%8a%d8%af%d8%a7-%d9%86%d9%bf%d9%88/






