رانديون پاڪ سريلنڪا ٻيون ٽيسٽ ميچ لاهور کان راولپنڊي منتقل، سبب به سامهون اچي ويو

لاهور: پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ جاري ٽيسٽ سيريز جون ٻيون ميچ لاهور کان راولپنڊي منتقل ڪيو ويو آهي، پر ميچ جي شيڊول ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي ناهي ڪئي وئي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ(پي سي بي) جي ترجمان ٻئين ٽيسٽ ميچ جي جڳهه جي تبديلي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ميچ هاڻ 17 کان 21 نومبر تائين راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو.
ترجمان موجب لاهور ۾ اسموگ جي وڌندڙ شدت کي نظر ۾ رکندي ميچ جو هنڌ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. شروعاتي شيڊول موجب ٻيون ٽيسٽ لاهور ۾ ٿيڻو هو پر هاڻ اهو مقابلو ساڳين تاريخن تي راولپنڊي ۾ کيڏي ويندو. پي سي بي موجب ٻئي ٽيسٽ جي تاريخن ۾ ڪابه تبديلي ناهي ڪئي وئي صرف هنڌ تبديل ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ سيريز جو پهريون ٽيسٽ به راولپنڊي ۾ جاري آهي، جڏهن ته هاڻ ٻن ٽيسٽ ميچن جي پوري سيريز راولپنڊي ۾ کيڏي ويندي.
ٻئي طرف پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ راولپنڊي ۾ کيڏجندڙ پهرين ٽيسٽ ميچ جي ٻئين ڏينهن پاڪستان 9 وڪيٽن جي نقصان تي پنهنجي پهرين اننگز 434 رنسن تي ڊڪليئر ڪري ڇڏي، جنهن جي جواب ۾ سريلنڪا 3 وڪيٽن جي نقصان تي 114 رنسون ٺاهي ورتيون آهن.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d9%be%d8%a7%da%aa-%d8%b3%d8%b1%d9%8a%d9%84%d9%86%da%aa%d8%a7-%d9%bb%d9%8a%d9%88%d9%86-%d9%bd%d9%8a%d8%b3%d9%bd-%d9%85%d9%8a%da%86-%d9%84%d8%a7%d9%87%d9%88%d8%b1-%da%a9%d8%a7%d9%86-%d8%b1%d8%a7%d9%88/






