Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
رانديون

ٽيسٽ ڪرڪيٽ سالگرهه، پاڪستان جي ٽن اڳوڻن ڪپتانن کي دعوت

شيئر ڪريو
ٽيسٽ ڪرڪيٽ سالگرهه، پاڪستان جي ٽن اڳوڻن ڪپتانن کي دعوت

ڪراچي: ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي 150هين سالگرهه جي موقعي تي پاڪستان جي ٽن اڳوڻن ڪپتانن ظهير عباس، وسيم اڪرم ۽ وقار يونس کي دعوت ڏني وئي آهي.ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي 150هين سالگرهه تي آسٽريليا ۽ انگلينڊ جون ٽيمون هڪ تاريخي ٽيسٽ ميچ ۾ آمهون سامهون ٿينديون. اها ميچ ايندڙ سال 11 کان 15 مارچ تائين ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ کيڏي ويندي. ڪرڪيٽ آسٽريليا ان تاريخي ميچ جي موقعي تي مختلف تقريبون پڻ منعقد ڪندو، جڏهن ته ميچ ڏسڻ لاءِ سڄي دنيا مان مهمانن کي دعوتون ڏنيون پيون وڃن. ذريعن موجب، دنيا جي ٻين ملڪن جي اڳوڻن ڪپتانن ۽ نامور رانديگرن کي پڻ هن تاريخي ٽيسٽ جي موقعي تي دعوت ڏني وئي آهي، جڏهن ته آسٽريليا ۽ انگلينڊ جا اڳوڻا ۽ عمر رسيده ڪرڪيٽر به تقريب ۾ شرڪت ڪندا. ڪرڪيٽ آسٽريليا هن يادگار موقعي تي مختلف تقريبن سان گڏ خاص طور تي تيار ڪيل يادگاري سووينئرز پڻ پيش ڪندو.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d9%bd%d9%8a%d8%b3%d9%bd-%da%aa%d8%b1%da%aa%d9%8a%d9%bd-%d8%b3%d8%a7%d9%84%da%af%d8%b1%d9%87%d9%87%d8%8c-%d9%be%d8%a7%da%aa%d8%b3%d8%aa%d8%a7%d9%86-%d8%ac%d9%8a-%d9%bd%d9%86-%d8%a7%da%b3%d9%88%da%bb/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون