Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
رانديون

ٽرائي سيريز فائنل: سريلنڪا جو پاڪستان کي 326 رنسن جو هدف

شيئر ڪريو
ٽرائي سيريز فائنل: سريلنڪا جو پاڪستان کي 326 رنسن جو هدف

لاهور : لاهور ۾ پاڪستان، سريلنڪا ۽ انگلينڊ وچ ۾ جاري ٽه ملڪي سيريز جي فائنل ۾ سريلنڪا پاڪستان کي ڪاميابي لاءِ 326 رنسن جو هدف ڏئي ڇڏيو. پاڪستان ٽاس کٽي پهريان بالنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. قومي ٽيم جي ڪپتان شاهين آفريدي ٽاس جي موقعي تي ٻڌايو ته طبيعت خراب هجڻ سبب شاداب خان اڄ ٽيم کي دستياب ناهي، سندس جاءِ تي فهيم اشرف کي شامل ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف سريلنڪن ڪپتان ڪوشل مينڊس چيو ته ٽاس هارائڻ باوجود کين خبر آهي ته پهريان بيٽنگ ڪندي ڇا ڪرڻو آهي. ٽيم ۾ ايشان ملنگا جي جاءِ تي مهیش ٿڪشانا کي شامل ڪيو ويو آهي.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d9%bd%d8%b1%d8%a7%d8%a6%d9%8a-%d8%b3%d9%8a%d8%b1%d9%8a%d8%b2-%d9%81%d8%a7%d8%a6%d9%86%d9%84-%d8%b3%d8%b1%d9%8a%d9%84%d9%86%da%aa%d8%a7-%d8%ac%d9%88-%d9%be%d8%a7%da%aa%d8%b3%d8%aa%d8%a7%d9%86-%da%a9/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون