Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
سياست

غيرقانوني ڀرتيون: مولانا فضل الرحمان جي پٽ خلاف جاچ شروع، نيب ۽ ايف آءِ اي نوٽيس اماڻي ڇڏيا

شيئر ڪريو
غيرقانوني ڀرتيون: مولانا فضل الرحمان جي پٽ خلاف جاچ شروع، نيب ۽ ايف آءِ اي نوٽيس اماڻي ڇڏيا

اسلام آباد: مولانا فضل الرحمان جي پٽ اسعد محمود جي چوڌاري غيرقانوني ڀرتين جو معاملو سنگين ٿي ويو آهي، انهي سلسلي ۾ نيب ۽ ايف آءِ اي جا باضابطه نوٽيس به سامهون اچي ويا آهن.

اڳوڻي وفاقي وزير مواصلات اسعد محمود کي پاڪستان پوسٽ آفيس ۾ مبينه غيرقانوني ڀرتين جي معاملي تي نيب طلب ڪري ورتو. انهي سلسلي ۾ نيب راولپنڊي اسعد محمود کي 10 نومبر 2026ع تي صبح 11 وڳي جاچ ٽيم جي سامهون پيش ٿيڻ جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.

نيب نوٽيس موجب اسعد محمود جي وزارت واري دور 2022ع ۽ 2023ع ۾ پاڪستان پوسٽ آفيس ۾ بي ضابطگين جي جاچ جاري آهي، دستاويزات موجب اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پاڪستان پوسٽ آفيس ۾ 3.938 جڳهين تي ڀرتين جي اجازت ڏني پر مبينه طور تي 4.252 ماڻهو ڀرتي ڪيا ويا.

نيب نوٽيس ۾ 2.646 ختم ٿيل  آسامين تي ڀرتين جو به انڪشاف ٿيو آهي، جنهن ۾ ڪابينه ڪميٽي جي هدايتن جي ڀڃڪڙي جو الزام سامهون آيو آهي. نيب موجب ڪنٽريڪٽ بنيادن تي ٽيسٽنگ ايجنسي جي ذريعي ڀرتين جي سفارش جي باوجود وڏي تعداد ۾ مستقل مقرريون ڪيون ويون جنهن سان پاڪستان پوسٽ آفيس تي اضافي مالي بار پوڻ ۽ ڪجهه چونڊيل اميدوارن جي سياسي وابستگي رکڻ جا الزام به نيب جاچ جو حصو آهن.

اهڙي طرح جعلي  دستاويزات، وڏي عمر جي اميدوارن جي ڀرتين ۽ ڊوميسائيل ڪوٽا جي ڀڃڪڙي جا چارجز به سامهون آيا آهن. نيب واضح ڪيو آهي ته طلبي جي نوٽيس تي عمل نه ڪرڻ جي صورت ۾ قومي احتساب آرڊيننس 1999ع جي قلم 31 جي تحت قانوني ڪارروائي ٿي سگهي ٿي.

ٻئي طرف ايف ايف آءِ اي جي اينٽي ڪرپشن سرڪل اسلام آباد به اسعد محمود کي پاڪستان پوسٽ آفيس ۾ مبينه غيرقانوني ڀرتين جي معاملي تي طلب ڪيو آهي.  ايف آءِ اي 30 آڪٽوبر 2026ع جي نوٽيس ۾ اسعد محمود کي 2 نومبر 2026ع تي صبح جو 11 وڳي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائڻ جي لاءِ طلب ڪيو ويو هو. ايف آءِ اي انڪوائري نمبر 2026/197 جي تحت پاڪستان پوسٽ آفيس ۾ ڀرتين جي دوران سنگين  بي ضابطگين ۽ مبينه بدعنواني جي جاچ شروع ڪري رکي آهي.

هڪ ئي معاملي تي نيب ۽ ايف آءِ اي جي جاچ سبب اڳوڻي وفاقي وزير اسعد محمود جي لاءِ قانوني پريشانيون وڌڻ لڳيون آهن. عوامي وسيلن ۽ سرڪاري ادارن ۾ ڀرتين جي اختيارن جو سياسي استعمال هيٺ احتسابي ادارن جي جاچ جي دائري ۾ اچي ويو آهي. ماهرين موجب اهم سوال اهو آهي ته منظور ٿيل آسامين کان وڌيڪ ڀرتيون ڪنهن جي حڪم تي ٿيون؟  ۽ ختم ٿيل جڳهين تي ڀرتين جي ڪنهن اجازت ڏني.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%ba%d9%8a%d8%b1%d9%82%d8%a7%d9%86%d9%88%d9%86%d9%8a-%da%80%d8%b1%d8%aa%d9%8a%d9%88%d9%86-%d9%85%d9%88%d9%84%d8%a7%d9%86%d8%a7-%d9%81%d8%b6%d9%84-%d8%a7%d9%84%d8%b1%d8%ad%d9%85%d8%a7%d9%86-%d8%ac/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون