رانديون راجا ريحان ويانا اوپن 2026ع ۾ گولڊ ميڊيل کٽي ورتو

ويانا: آسٽريا جي گاديءَ واري شهر ويانا ۾ ٿيل 23هين انٽرنيشنل ويانا اوپن ڪراٽي چيمپيئن شپ ۾ جرمنيءَ جي نمائندگي ڪندڙ پاڪستاني ڄائي رانديگر راجا ريحان شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي گولڊ ميڊيل پنهنجي نالي ڪري ورتو.مقابلي ۾ يورپ جي 13 ملڪن جي 56 ٽيمن جي 412 رانديگرن حصو ورتو. سينيئرز جي 60 ڪلوگرام ڪيٽيگريءَ جي فائنل ۾ راجا ريحان جو مقابلو آسٽريليا جي رانديگر لينگ مارڪس سان ٿيو. ٻنهي رانديگرن وچ ۾ سخت ۽ دلچسپ مقابلو ٿيو، جنهن ۾ اسڪور 5-5 تان برابر رهيو، تنهن هوندي به راجا ريحان بهترين راند ۽ فيصلائتي برتريءَ جي بنياد تي ڪاميابي ماڻي گولڊ ميڊيل کٽي ورتو. راجا ريحان جي ان ڪاميابيءَ تي جرمنيءَ ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري ۽ راندين سان لاڳاپيل حلقن ۾ خوشيءَ جي لهر ڇانئجي وئي آهي. سندس ڪاميابيءَ کي پاڪستاني برادريءَ لاءِ فخر جوڳو ڪارنامو قرار ڏنو پيو وڃي. راجا ريحان جي اها ڪاميابي عالمي راندين جي ميدان ۾ پاڪستاني ڄائي رانديگرن جي صلاحيتن، محنت ۽ قابليت جو هڪ نمايان ثبوت آهي.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%b1%d8%a7%d8%ac%d8%a7-%d8%b1%d9%8a%d8%ad%d8%a7%d9%86-%d9%88%d9%8a%d8%a7%d9%86%d8%a7-%d8%a7%d9%88%d9%be%d9%86-2026%d8%b9-%db%be-%da%af%d9%88%d9%84%da%8a-%d9%85%d9%8a%da%8a%d9%8a%d9%84-%da%a9%d9%bd/






