سياست بشريٰ بي بي جي اکين جي روشني متاثر، ذاتي خرچ تي علاج جي اجازت لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ سزا يافته ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي جي نئين گڏيل درخواست داخل ڪئي وئي آهي.
بيرسٽر سلمان صفدر طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته بشريٰ بي بي جي اکين جي روشني تمام گهڻي متاثر ٿي رهي آهي، جنهن کي نظر ۾ رکندي داخل درخواست ۾ اڊياله جيل اختيارين کان انهي جي مڪمل ميڊيڪل رپورٽ طلب ڪرڻ ۽ ذاتي خرچ تي ماهر اکين جي ڊاڪٽر کان فوري علاج جي اجازت ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اڊياله جيل ۾ وڪيل سان ملاقات جي دوران عمران خان بشريٰ بي بي جي اکين بابت مسئلي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي بشريٰ بي بي جي ڪيسز ۾ عدالتن کان رليف وٺڻ جي هدايت ڪئي هئي.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%a8%d8%b4%d8%b1%d9%8a%d9%b0-%d8%a8%d9%8a-%d8%a8%d9%8a-%d8%ac%d9%8a-%d8%a7%da%a9%d9%8a%d9%86-%d8%ac%d9%8a-%d8%b1%d9%88%d8%b4%d9%86%d9%8a-%d9%85%d8%aa%d8%a7%d8%ab%d8%b1%d8%8c-%d8%b0%d8%a7%d8%aa%d9%8a/






