شوبز واهگه بارڊر تي ڀارتي اداڪارن جي فلمي تشهير ڪوڪ اسٽوڊيو جي گيتن ۾ دٻجي وئي

بالي وڊ اداڪار آيوشمان کرانا ۽ سارا علي خان واهگه اٽاري بارڊر تي پنهنجي نئين فلم 'اڙتا تير' جي تشهير ڪري رهيا هئا ته پاڪستاني پاسي کان مٿن طنز ڪيو ويو.
پاڪستاني پاسي لائوڊ اسپيڪرن تي ڪوڪ اسٽوڊيو جا گيت هلايا ويا جن ۾ اداڪارن جو آواز دٻجي ويو، ۽ ان لمحي جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي ويون.
23 آڪٽوبر تي رليز ٿيندڙ هن فلم ۾ هڪ پاڪستاني انٽيليجنس ايجنٽ جي يادگيري هلي وڃي ٿي ۽ هو پاڻ کي ڀارتي دهشتگردي خلاف آفيسر سمجهڻ لڳي ٿو. نيپال جي سينسر بورڊ اتي فلم جي عوامي نمائش جي اجازت نه ڏني.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/wagah-border-indian-actors-coke-studio/






