اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران نجي اسڪول مالڪن کي تعليمي ادارا کولڻ لاءِ لاڳاپيل فورم سان رابطو ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد : پاليسي ٺاهڻ حڪومت جو ڪم آهي، عدالت مداخلت نه ڪندي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نجي اسڪولز جي مالڪن کي تعليمي ادارا کولڻ لاءِ لاڳاپيل فورم سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ڪورونا سبب بند پيل تعليمي ادارا کولڻ لاءِ درخواست تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته چونڊيل حڪومت عوام آڏو جوابده آهي، اُها ئي حالتن کي نظر ۾ رکندي فيصلو ڪندي، نجي اسڪولز وارا انفرادي طور نه پر ائسوسيئيشن جي صورت ۾ لاڳاپيل اختيارين سان رابطو ڪن، اهو چوڻ درست نه آهي ته حڪومت هن معاملي کي نٿي ڏسي، عدالت نجي اسڪول مالڪن جي درخواست اُڪلائي ڇڏي.